ڀڳتياڻي شانتي ديوي

ڀڳتياڻي شانتي ديوي: ڀڳتياڻي شانتي ديويءَ جو جنم اپريل 1919ع ڌاري حيدرآباد ۾، ڊاڪٽر ھوتچند ماکيجاڻيءَ جي گھر ۾ ٿيو. ڏھن سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ شانتي ديوي، ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي سنگ ۾ آئي ۽ سندس ڪلام ٻڌي، رھبانيت ڏانھن راغب ٿي، اسڪول ۾ پڙھندي ھر روز دادا جي ست سنگ ۾ ايندي ھئي ننڍپڻ ۾ ئي کيس ڌڻيءَ جي نينھن جو نشو چڙھي ويو. ھن پنھنجي سڄي ڄمار دادا واسواڻيءَ جي صحبت ۾ گذاري ڇڏي، گروءَ جي سڪ سبب پاڻ کي پنھنجي خاندانن نالي ماکيجاڻي سڏائڻ بدران، واسواڻي سڏائيندي رھي. ھوءَ مسڪينن ۽ محتاجن جي خدمت ڪندي ھئي ۽ پکين ۽ جانورن کي داڻو پاڻي ڏيندي ھئي. اڪيلائيءَ ۾ رب جي پياس جا لڙڪ وھائيندي ھئي. پاڪائيءَ، نماڻائيءَ، سادگيءَ ۽ شيوا جي مڪمل مورت ھئي. 1966ع ۾ دادا واسواڻيءَ جي وفات کان پوءِ ھن جي زندگيءَ ۾ وڏو خال پيدا ٿيو. لڪي لڪي پئي ڳوڙھا ڳاڙيندي ھئي، سندس اھي ڳوڙھا گيتن جو روپ وٺي ظاھر ٿيندا ھئا. اهي گيت هو ساڌو واسواڻي مشن پوني ۾ ڀڳتي ڀاو وقت مڌر آواز ۾ ڳائيندي هئي. آخري وقت تائين ساڌو واسواڻي مشن سان واڳيل رهي. شانتي ديوي 15 مئي 1970ع تي هيءَ فاني جهان ڇڏي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو